سرماڻي پير آدم جي درگاهه

سرماڻي پير آدم جي درگاهه: پير آدم سرماڻي اڄ کان اٽڪل ست سو سال اڳ جو بزرگ ٿي گذريو آهي، سندس تعلق ڪلمتي بلوچن جي بگھياڙ پاڙي سان هو. پير آدم حياتيءَ ۾ کارڙي ناڪي کان ڏکڻ طرف، سمنڊ ويجھو نئين جي ڪنڊ ۾ رهندو هو، جنهن کي پير آدم وارتي ڪنڊ چون ٿا. روايت آهي ته پاڻ دهليءَ جي شاهه نظام الدين اولياءَ جو خليفو هو. ڪلمتين جي بگھياڙ قبيلي مان وڏا عارف ۽ ولي ٿي گذريا آهن، هيءَ درگاهه تعلقي سونمياڻي، ضلعي لس ٻيلي ۾ آدم کنڊ کان اٽڪل ڏيڍ ميل جي مفاصلي تي اوڀر طرف واقع آهي. هن رانڪ ۾ پير آدم جي مزار کانسواءِ ارڙهن درويشن ۽ حاجي سڳورن جون پڪيون تربتون آهن. رانڪ جي ٻاهران ٿلهي تي دروازي جي اتر طرف پير صاحب جي گھر واري ملي بنت باجڪ جي پڪي تربت آهي. انب کان ٿورو پري اتر طرف ٿلهي کان ٻاهران هيٺ درويش سيد جي پڪي تربت آهي، رانڪ جي ٻاهران هڪ وڏو قبرستان آهي، جنهن جي اولهه واري پاسي کان ڪلمتي بلوچن جون چٽساليءَ سان گھاڙيون آهن، جن تي نالا اڪريل آهن. درگاهه کان اوڀر طرف ڏيڍ فرلانگ تي اولياءَ حضرت شاهه نظام الدين دهلوي (725هه/1325ع) جو چلو آهي. شاهه نظام الدين جو قبو دهليءَ ۾ آهي، اتي هڪ وڏي ڇپ رکيل هئي، جنهن جو اڌ هتي چلي واري جاءِ تي رکيل آهي. مريد پهريان انهيءَ چلي جي زيارت ڪري پوءِ درگاهه تي ويندا آهن. چلي تي پير آدم جا خليفا سالياني عرس جي موقعي تي خيرات ڪندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو